چِٽي مسجد

چِٽي مسجد

چِٽي مسجد

چِٽي مسجد: هيءَ مسجد ديهه مکڻ، تعلقي ڪشمور جي ڳوٺ چٽيءَ ۾ هئي، جيڪا 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ سڄي لڙهي وئي. هي مسجد سفيد رنگ جي هئي. ان لاءِ ڳوٺ جو نالو به ’چٽو‘ پئجي ويو. مسجد جي مهاڙي ڊگهي، مستطيل تاڪائين پيل پاون سان سجايل هئي، جيڪي مک دروازي جي ٻنهي پاسي ٺهيل هئا. هر هڪ پيل پائي جي مٿان منارو ٺهيل هو، جنهن جي مٿان ڪنگري ۽ ڪنگريءَ جي مٿان نيل نصب ٿيل هئي، جتي پيل پاوا ختم ٿين ٿا، اتي اڌ گولائين ڇاٻي نموني اڏاوت ٻنهي پيل پاون کي ملائڻ لاءِ ٺهيل هو، جنهن تي ڪنگرا ٺهيل هئا. هن جو دروازو سادو ڪاٺ جو هو، ان جي مٿان ٻه ماڙ اڏاوت درن سان نظر ايندي هئي. پيل پاون جي هيٺان زمين جي سطح کان مٿي به ڪي نقش چٽيل هئا. مسجد جو لنگهه اوڀر ۾ هو. ڏکڻ ۽ اتر واري ڀت تي دروازي واري مناري کان وٺي ڪنڊ تائين ٻيڙ ٻني جي مٿان ڪنگرن ۽ برجين سان اڏاوت ٺهيل هئي، جن کي منارڙيون ڏنل هيون. ڪانس جي هيٺيان به فوٽ کن جون سڌيون ڪاشيءَ جون سرون لڳل هيون. ڀتيون لسيون هيون، پر ٻيڙ ٻني جي هيٺيان اڌ فوٽ جي فاصلي تي مستطيل خانن ۾ چٽ چٽيل هئا. ان جي هيٺيان هوا لاءِ وڏي دري لڳل هئي، جنهن جا طاق ڪاٺ جا هئا.
مسجد کي اڱڻ ڏنل هو، جنهن تي چوکنڊيون ماربل جون اڇيون ۽ ڪاريون سرون ڏنل هيون. نمازي حجري کي ست ڪاٺ جا دروازا ڏنل هئا، جيڪي سادا هئا. ڪنڊن تي سامهون پيل پاوا ٺهيل هئا. ڇت تي ٻيڙ ٻني تي فٽ کن جي گلن واري ڄاري ڏنل هئي. وچين دروازي جي مٿان ٻه برجيون، ٻنهي برجين جي وچ تي سيمينٽ جو تاج ٺهيل هو. هر دروازي جي مٿان ٻيڙ ٻني تي ڄارين جي مٿان ننڍو گنبذ ٺهيل هو. هر گنبذ جي مٿان نيل ٺهيل هئي. مسجدن جي هر ڪنڊ تي وڏو منارو ٺهيل هو. مناري جي مٿان برجي ۽ برجي جي مٿان ڪلسو ٺهيل هو. ڇت تي ڪل ٽي گنبذ هئا، جيڪي گول بصر نموني (Onion Type) پر ڦاراوان، جيڪي ڳچ جي مٿان ٺهيل هئا. وچون گنبذ سڀني کان وڏو هو. گنبذ جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل ٺهيل هو. ان جي مٿان ڪلسو ۽ ڪلسي جي مٿان ڪاشيءَ جي نيل ٺهيل هو. گنبذ اندران به چٽيل هئي. اولهه ۾ محراب ٺهيل هو. محراب جي مٿان گل چٽ نڪتل هئا. اندر گنبذ جي گول هيٺان طاق ٺهيل هئا، جيڪي تعداد ۾ اٺ هئا. هڪ کي ڇڏي ٻي تي نيري ڪاشي جو سهڻو ڪم ٿيل هو. هي مسجد سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪناري بلڪل ڪپ تي ٺهيل هو، جو مسجد تان ڏسبو هو ته درياهه ڀرسان نظر ايندو هو. ان لاءِ مسجد کي ٻوڏن ۾ نقصان پهچندو رهندو هو ۽ ڳوٺ وارا هن جي مرمت ڪندا هئا. مسجد جي اڏاوت بابت مقامي ماڻهن جي روايت موجب نور محمد نالي وقت جي هڪ وڏي چور، جڏهن چوري ڇڏي ته هي مسجد 1235هه ۾ جوڙايائين. مسجد جي رازي جو نالو نعمت الله عبدالغني مسجد جي هڪ ڪنڊ تي فارسي شعر ۾ ڏنل هو.
تازو 2010ع جي ٻوڏ ۾ هيءَ مسجد لڙهي وئي ۽ ان جو نشان به نه بچيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو